SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Non Tariff Barriers NTBs

(click word to listen sound
  • 🔊
  • nɔnəkseptəns
  • tærif
  • bæriəz
  • ntbs
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Non Tariff Barriers NTBs

نان ٽيرف بيريئرس

غير محصولياتي پابنديون

هي ٻن ملڪن وچ ۾ ٿيندڙ واپار کي محدود ڪرڻ جو طريقو آهي، جنهن ۾ اڪثر ڪري اُسريل معيشيتن پاران محصول وڌائڻ ذريعي حدون مقرر ڪرڻ بجاءِ غيرمحصولياتي طريقن، جهڙوڪ: ڪوٽا، اضافي وصولين ، پابندين، بندشن ۽ ٻين ڪاروباري رنڊڪن ذريعي ڪنهن به ملڪ سان ٿيندڙ واپار کي مقرر ڪيل دائري ۾ رکيو ويندو آهي. هن طريقي اختيار ڪرڻ سان هڪ ته ننڍن ملڪن جي وکرن جي خريداري مرضيءَ مطابق طئي ڪيل اگهن تي ڪجي ٿي، ته ٻئي طرف پنهنجن غير معياري وکرن کي وڪرو ڪرڻ لاءِ سازگار ماحول جوڙيو وڃي ٿو. ان قدم سان آزاد ۽ انصاف ڀريو واپار ناممڪن بڻجي وڃي ٿو ۽ ڪيترن ملڪن جي معيشيت رولڙي ۾ پئجي وڃي ٿي . WTO طرفان بين الاقوامي واپار ۾ محصولن ۾ گهٽتائيءَ وارا شرط وجھڻ جي ڪري ان عمل ۾ تمام گهڻي تيزي آئي آهي. عام طور تي ٻن ملڪن وچ ۾ جنسن جي مٽا سٽا، خدمتن جي فراهمي ۽ پيداواري معيارن ذريعي واپار ٿيندو آهي، پر غير محصولياتي پابندين ذريعي واپار جي مقدار کي محدود ڪرڻ ، ڪامورڪيون رنڊڪون مڙهڻ، خصوصي پروانا ۽ اجازتون جاري ڪرڻ، وکرن جي معيار بابت نه ٺهندڙ شرط وجهڻ ۽ فني جواز پيدا ڪري ٻئي ملڪ جي مٿان دٻاءُ پيدا ڪري پنهنجو پلڙو ڀاري ڪيو ويندو آهي.


Remember Me Also:

دهرو دوشالو ٻڌڻ

ٻيڻي ڪوشش ڪرڻ. ٻيڻي محبت ڪرڻ ، ٻيڻو عشق ۾ گرفتار ٿيڻ. ٻيڻيون مصيبتون سِر تي سهڻ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal